ڪراچي ۾ مائي ڪلاچي روڊ تي رات دير سان تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر سبب عيد جي خريداري لاءِ ويندڙ زال ۽ مڙس فوت ٿي ويا جڏهن ته معصوم ٻارڙي سخت زخمي ٿي پئي. رپورٽ موجب پوليس ڪار جي ڊرائيور حسام کي اسپتال مان گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ 62 ورهين جو عبدالستار ۽ 50 ورهين جي آمنه جي نالن سان ٿي آهي. مقتولين جي لاشڻ کي ضابطي جي ڪارروائي بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته زخمي ٻارڙي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ان جو علاج اسپتال ۾ جاري آهي. حادثي ۾ فوت ٿي ويل زال مڙس بلديه ٽائون جا رهواسي هئا جيڪي عيد جي خريداري لاءِ موٽر سائيڪل تي سوار ٿي وڃي رهيا هئا ته اوچتو حادثي جو شڪار ٿي ويا. ياد رهي ته 26 مارچ تي شاهراهه فيصل تي روڊ ڪناري موٽر سائيڪل روڪي افطار ڪندڙ زال مڙس تيز رفتار گاڏي جي ٽڪر سبب فوت ٿي ويا هئا.