عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف* پاڪستان جي سالياني ٽيڪس وصولي جي حدف ۾ 64 ابر روپين جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سالياني ٽيڪس وصولين جو حدف 1297 ارب کان گهٽ ڪري 1233 ارب روپيه ڪري ڇڏيو آهي، آءِ ايم ايف ٽيڪس وصولي جي حدف ۾ 64 ارب روپين جي گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب ايف بي آر آءِ ايم ايف کان ٽيڪس وصوليون 1233 ارب روپيه ڪرڻ جو واعدو ڪري رکيو آهي، ٽيڪس وصولي ۾ گهٽتائي آءِ ايم ايف سان معاهدي تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو. ذريعن وجب مارچ ۾ ٽيڪس وصولي 107 ارب روپيه گهٽ ٿي، مارچ ۾ ٽيڪس وصولي جو حدف 1220 ارب روپيه هو پر ايف بي آر 1113 ارب روپيه ٽيڪس جمع ڪري سگهيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ ايف بي آر ٽيڪس وصولي جو گڏيل خسارو 708 ارب روپيه ٿي ويو آهي.