گمبٽ: قومي شاهراهه تي مسافر ڪوچ ۽ ڪار ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا فوت، 4 کان وڌيڪ زخمي

 گمبٽ ڀرسان قومي شاھراھ تي مسافر ڪوچ ۽ ڪار ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو آھن جنھن جي نتيجي م 3 ماڻھو ٿڏي تي فوت جڏھن ته 4 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آھن. فوتين ۽ زخمين کي پوليس ۽ ريسڪيو انتظاميہ گمبٽ گمس اسپتال منتقل ڪيو  آھي رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو تہ ڪار ۽ مسافر ڪوچ م تيز رفتاري سبب حادثو پيش آيو آھن جنھن جي نتيجي م ٽي ماڻھو فوت ٿي ويا آھن ء 4 کان وڌيڪ زخمي آھن. پوليس موجب زخمين کي علاج لاء گمس اسپتال منتقل ڪيو آھي جڏهن ته فوتين ۾ ھڪ ٻارڙي، عورت سميت 3 ماڻھو شامل آھن فوتي شخص جي سڃاڻپ نياز محمد  طور ٿي آھي جيڪي تيارزہ وزيرستان جا رھائشي ٻڌايا پيا وڃن.