آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائٽ هائوس ۾ هڪ تقريب دوران يوم آزادي جي موقعي تي يورپي يونين ۽ 46 ملڪن تي نئون واپاري ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. صدر ٽرمپ چيو ته اهڙن قدمن جي ذريعي آمريڪا هڪ نئين سنهري دور جي شروعات ڪندو ۽ هاڻ وقت اچي ويو آهي ته آمريڪا کي اقتصادي طور تي خوشحال بنايو وڃي. ٽرمپ موجب اهڙي نئين ٽيرف جي مدد سان آمريڪا ۾ غير منصفاڻي واپاري لاڳاپن کي ختم ڪيو ويندو، خاص طور تي اهڙن ملڪن سان جن آمريڪي صنعتن کي نقصان پهچايو آهي، جڏهن ته تجزيه ڪارن خبردار ڪيو آهي ته اهڙن قدمن سان عالمي قيمتن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو جنهن سان آمريڪي ڪاروباري شعبو سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيندو. صدر ٽرمپ چيو ته اهو ٽيرف آمريڪا جي هارين ۽ آبادگارن جي حق ۾ آهي، جنهن کي سموري دنيا ۾ ٻين ملڪن طرفان ظلمن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته آمريڪا هاڻ غير ملڪي گاڏين تي 25 سيڪڙو ٽيڪس لڳايندو، هن چيو ته جيڪي ملڪ آمريڪي شين تي ٽيرف لڳائيندا آهن انهن کي هاڻ انهي جو جواب ڏنو ويندو. صدر ٽرمپ چيو ته يورپي يونين تي 20 سيڪڙو اضافي ٽيڪس لڳايو پيو وڃي جڏهن ته چين تي 34 سيڪڙو ۽ جاپان تي 24 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويندو. انهي کان علاوه ڀارت تي 26 سيڪڙو، اسرائيل تي 17 سيڪڙو ۽ برطانيه تي 10 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويندو. آمريڪي شين تي 58 سيڪڙو ٽيڪس لڳائيندڙ پاڪستان جي حوالي سان آمريڪي صدر چيو آهي ته هاڻ پاڪستان تي 29 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويندو. انهي کان علاوه ترڪيه، سعودي عرب، قطر ۽ افغانستان تي 10-10 سيڪڙو اضافي ٽيڪس لڳائڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي. ويٽنام تي 46 سيڪڙو، تائيوان تي 32 سيڪڙو، ڏکڻ ڪوريا تي 25 سيڪڙو، ٿائيلينڊ تي 36 سيڪڙو، سوئٽزرلينڊ تي 31 سيڪڙو، انڊونيشيا تي 32 سيڪڙو ۽ ملائيشيا تي 24 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويو آهي. بنگلاديش تي 37 سيڪڙو، ڪمبوڊيا تي 49 سيڪڙو، ڏکڻ آفريقا تي 30 سيڪڙو، برازيل ۽ سينگاپور تي 10-10 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. اهڙا قدم آمريڪي واپاري لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ ۽ ملڪي صنعتين جي تحفظ لاءِ کنيا ويا آهن پر عالمي تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته اهڙن فيصلن سان عالمي قيمتن تي اثر پئجي سگهن ٿا. انهي کان علاوه آمريڪي صدر چيو آهي ته حاصل ٿيل آمدني کي آمريڪا ۾ ٽيڪس جي شرح کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو. ڪينڊا طرفان کير ۽ ٻين ڊيري وارين شين تي 200 کان 250 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ تي ٽرمپ چيو ته ڪينيڊا آمريڪي شين جي لاءِ غيرمنصفاڻيون قيمتون رکيون هيون. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انهي ڳالهه جو به ذڪر ڪيو ته آمريڪا پنهنجي اتحادين کي سبسڊي فراهم ڪندو آهي ۽ اها امدادي گذريل 30 سالن کان جاري آهي.