ڪشمور ٿاڻي جي ڪسٽم چيڪ پوسٽ تان ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيل ڪسٽم انسپيڪٽر راشد سومرو، اهڪار وزير احمد ۽ بورچي ڪبير چاچڙ جي اغوا جي تصديق ٿي وئي آهي. ڌاڙيلن چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري ٽنهي ڄڻن کي يرغمال بڻائي نامعلوم هنڌ ڏانهن وٺي ويا. واردات کانپوءِ ڌاڙيلن اغوا ٿيل مغوين جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيون، جن ۾ مغوين کي سخت پريشان حال ڏسي سگهجي ٿو، ڌاڙيلن پنهنجي وڊيو بيان ۾ پوليس کي 24 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو آهي ته جيڪڏهن انهن جا مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته ٽنهي مغوين کي قتل ڪيو ويندو. وڊيوز جي وائرل ٿيڻ بعد ڪشمور سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ خوف ۽ حراس ڇانئجي ويو آهي. مقامي ماڻهن ۾ وڏي بيچيني پکڙجي وئي آهي، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي دٻاءُ وڌي ويو آهي ته مغوين جي بازيابي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. ٻئي طرف، ڪشمور پوليس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مغوين جي بازيابي لاءِ ڪچي واري علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي. پوليس موجب، جلد ئي مغوين کي محفوظ طريقي سان بازياب ڪرايو ويندو. واضح رهي ته ڪشمور گهوٽڪي ۽ شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ۾ اغوا جي وارداتن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ۽ ڪيترائي ڀيرا ڌاڙيلن مغوين کي يرغمال بڻائي وڊيوز وائرل ڪري دٻاءُ وڌو آهي. لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو پيو وڃي ته مغوين جي حياتين کي بچائڻ لاءِ ترت ۽ سخت قدم کنيا وڃن.