دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي ۾ ليڊي ڪانسٽيبل پنهنجو دل ايس ايڇ او کي ڏئي ڇڏيو، ايس ايڇ او نڪاح محمدي موجب ليڊي ڪانسٽيبل کي پنهنجي زال بڻائي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو، شادي جي تقريب وڏي شان ۽ شوڪت سان منعقد ڪئي وئي، پوليس عملدارن جي وڏي انگ ۾ شرڪت دادو جي اي سيڪشن پوليس اسٽيشن ۾ هڪ منفرد پيار جي ڪهاڻي سامهون آئي آهي، جتي ايس ايڇ او اعجاز مسان ۽ ليڊي ڪانسٽيبل اي ايس آءِ ثمينه وگهيو پنهنجي ڊيوٽي دوران هڪ ٻئي جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي ورتي . سندن پيار پوليس اسٽيشن جي چار ديواري اندر پروان چڙهيو ۽ آخرڪار شادي تي پهتو. ايس ايڇ او اعجاز مسان ۽ ثمينه وگهيو جي شادي پوليس اسٽيشن اي سيڪشن ۾ ٿي. شادي جي تقريب شهنائي جي آواز سان ڀرجي وئي ۽ پوليس اسٽيشن هن موقعي تي پيار جي رنگ سان ڀرجي ويون.