حيدرآباد جي علائقي آمريڪن ڪوارٽر ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ معمولي ڳالهه تان ڇُرين جا وار ڪري زخمي ڪيل نوجوان محمد خالد اڄ اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. فوت ٿي ويل نوجوان جي وارثن، دوستن ۽ عزيزن طرفان سندس لاش پريس ڪلب آڏو رکي احتجاج ڪيو ويو ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي پڻ ڪئي وئي. فوت ٿي ويل نوجوان جي وارثن چيو ته علائقي جي هڪ سياسي پارٽي سان تعلق رکندڙ شخص معمولي ڳالهه تان محمد خالد کي بي رحمي سان ڇُرين جا وار ڪري سرعام قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران هو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڪراچي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي اڄ فوت ٿي ويو. مظاهرين چيو ته پوليس کي ڪيترائي ڀيرا درخواستون ڏنيون پر پوليس اڃان تائين قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، وارثن وڌيڪ چيو ته اسان جو احتجاج تيستائين جاري رهندو جيستائين قاتلن کي گرفتار ڪري سزا نٿي ڏني وڃي اسان ايس ايس پي حيدرآباد، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ پوليس جي اعليٰ آفيسرن کان اهو مطالبو ڪريون ٿا ته حالي روڊ پوليس جي انهي ظالماڻي رويي جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪري کين سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.