ڄامشورو ۾ سنڌو درياھ تي ڪينالن خلاف لڳل ڌرڻي دوران پيپلزپارٽي ڪارڪنن مٿان پٿراءُ ڪرڻ ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ تي مظاهرين مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. سرڪار پاران اي ايس آئي شاهنواز راهوجو جي فرياد تي 7 ڄاتل ۽ 57 کان 58 اڻڄاتل ماڻهن خلاف روڊ بلاڪ ڪرڻ، هنگامو ڪرڻ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تي ويندڙ جيالن جي رستا روڪ ڪرڻ، گاڏين جا شيشا ٽوڙڻ واري ايف آئي آر داخل ڪئي وئي. ايف آئي آر ۾ جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ حيدر چولياڻي، اصغر جمالي، زاھد چنا، عمران چانڊيو، سعيد تيوڻو، عرفان سمون ۽ عابد جمالي سميت 57 / 58 نامعلوم ماڻھن کي نامزد ڪيو ويو، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته لمس يونيورسٽي جي مک گيٽ آڏو ماڻهن روڊ بلاڪ ڪري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تي ويندڙ گاڏين کي روڪي انهن تي پٿراءُ ڪيو، اسان روڊ بند ڪندڙن جو پيڇو ڪيوسين ته ھو اتان فرار ٿي ويا، بعد ۾ اسان معطل ٿيل ٽرئفڪ کي بحال ڪرايوسين ۽ اسان بالا آفيسرن کي اهڙي رپورٽ ڪئي سين بعد ۾ انھن جي حڪمن تحت ڪيس داخل ڪرايو آھي.