موجوده حڪومت پيپلز پارٽي کان سواءِ هڪ ڏينهن به نٿي هلي سگهي، اتحاد ملڪي مفاد لاءِ ڪيو: گورنر پنجاب

پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان واضح ڪيو آهي ته موجوده حڪومت پيپلز پارٽي کان سواءِ هڪ ڏينهن به نٿي هلي سگهي، نوازليگ سان اتحاد ملڪي مفاد جي لاءِ ڪيو آهي. رپورٽ موجب  پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر اهڙن خيالن جو اظهار پنڊي گهيپ ۾ ڊائليسز سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو، سليم حيدر چيو ته پيپلز پارٽي ذميوارانه سياست جي قائل آهي پر پيپلز پارٽي کي سازش جي تحت ڀت سان لڳايو ويو آهي. هن چيو ته مخالف عوامي ترقي جي مشن ۾ مداخلت بند ڪن،هن واضح ڪيو ته هو پنجاب جو آئيني سربراهه آهي ۽ کيس انهن جي اختيارن جي چڱي ريت خبر آهي. ياد رهي ته انهي کان اڳ فيبروري 2025 ۾ نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر چيو هو ته 2024 جي چونڊن ۾ پوري پاڪستان مان کٽيندڙ فارم 47 تي چونڊجي آيا آهن. هن جو چوڻ هو ته 2013، 2018 ۽ 2024 جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي، 2024 ۾فارم 45 ۽ فارم 47 جي خرابي هئي، ملڪي تاريخ ۾ ڪا هڪ اڌ اليڪشن اهڙي ٿئي هوندي جنهن ۾ سڀني چيو هوندو ته شفاف چونڊون ٿيون آهن.