مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته حج اڏامون 29 اپريل کان شروع ٿينديون، 90 هزار حاجي سڳورا سرڪاري طور تي روانا ٿيندا، حج بابت انتظام آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويا آهن. حج تياري 2025 جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير سردار يوسف چيو ته اسان جي ٽريننگ جو پهريون سيشن مڪمل ٿي ويو آهي، ٻئي مرحلي جي تربيتي ڪيمپ 8 اپريل کان شروع ٿيندي، حاجي اتي تياري سان گڏ ويندا، ٽريننگ تي وڌيڪ ڪم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته حج ۽ عمري جو تعلق عقيدي سان آهي، جيڪو به انهي حوالي سان ڪم ڪيو ويندو آهي، اهو عقيدو آهي، انهي حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف سان پڻ ملاقات ٿي، انهي جي هدايتن تي عمل ڪري رهيا آهيون، حاجين کي ويڪسينيشن سميت ٻيا قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته بزرگ ماڻهن جي حوالي سان خاص خيال رکيو ويندو، پنجاب يونيورسٽي جي آڊيٽوريم ۾ تربيت ڏني ويندي، سموري ملڪ مان جڏهن اڏامون شروع ٿينديون ته آفيسرن جون ڊيوٽيون به لڳايون وينديون، هن چيو ته لانگ ٽرم حج 10 لک 50 هزار تائين پهچي ويو آهي. جڏهن ته شارٽ ٽرم 11 لک 50 هزار روپين ۾ ٿيندو، جيڪي پئسا بچندا اهي حاجين کي واپس ڪيا ويندا، جيڪو حاجين جو حق آهي، 2 مهينا رهجي ويا آهن، حاجين لاءِ بهتر انٽطام ڪيا ويندا، اتي سعودي حڪومت به بهتر کان بهتر انتظام ڪندي آهي، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير ٻڌايوته حاجين جي سهوليت لاءِ ميڊيڪل مشن، ٽرانسپورٽ سميت ٻيا انتظام بهتر ڪيا ويا آهن، اهي انتظام سعودي حڪومت پاڻ ڪندي آهي، مون کي اڄ تائين اها خبر نه ملي آهي ته ڪنهن حاجي خيرات گهري هجي، خيرات گهرندڙن کي کڻي ويندڙ ڪمپني کي بليڪ لسٽ ڪيو ويندو.