تفصيل موجب جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) سنڌ پاران درياءِ سنڌ تي غيرقانوني ۽ غيرشرعي ڪئنالن خلاف 6 اپريل تي سکر کان سنڌو جي پڇڙي دولھ دريا ٺٽو تائين هڪ ئي وقت تي سنڌ جي تث بيئراجن ۽ پلن تي وڏي پيماني تي ڌرڻا هنيا ويندا، جن ۾ جي يو آءِ سنڌ جو قائد علامه راشد محمود سومرو ڪندا. جي يو آءِ سنڌ جي پريس سيڪريٽري ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو آهي ته اهي ڌرڻا “سنڌو بچايو – سنڌ بچايو” مهم جو حصو آهن، جن جو مقصد سنڌ جي پاڻي تي ٿيندڙ ناانصافين خلاف آواز اٿارڻ آهي.ڌرڻا گڊو بيئراج، سکر بيئراج، لاڙڪاڻو-خيرپور پل، دادو-مورو پل، آمري پل، ڄامشورو پل، ٺٽو-سجاول دولھ درياءَ پل تي لڳايا ويندا انهن ڌرڻن کي جي يو آءِ جي مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻن مولانا عبدالقيوم هاليجوي، مفتي سعود افضل هاليجوي، عبدالرازق عابد لاکو، مولانا محمد صالح الهداد، مولانا عبدالمالڪ ٽالپر، مولانا رمضان ڦلپوٽو، مولانا محمد اسحاق لغاري سليم سنڌي، ۽ ٻيا اهم اڳواڻ خطاب ڪندا.علامه راشد محمود سومرو ان موقعي تي ايندڙ تحريڪ جو لائحه عمل به جو اعلان ڪندا.جي يو آءِ سنڌ چيو آھي تہ هو غيرقانوني ڪئنالن کي ڪالاباغ ڊيم وانگر ختم ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهن، ڇو ته اهي سنڌ جي پاڻيءَ تي قبضي جي سازش آهي