ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ بدامني خلاف پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جو نوٽيس، گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جو دورو، امن لاءِ اهم ملاقاتون ضلعي ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪشمور جي چيئرمين مير گل محمد جکراڻي پاران پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت کي ڏنل شڪايتن تي گهرو وزير سنڌ ضياءُ الحسن لنجار پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت جي هدايتن تي ٻه ڏينهن جي دوري تي ڪشمور پهتو گهرو وزير گڊو ريسٽ هائوس ۾ مختلف وفدن سان ملاقاتون ڪيون، جن ۾ هندو برادري، سياسي سماجي اڳواڻ ۽ علائقي جا معزز شامل هئا، مير گل محمد جکراڻي پاران ضياءُ الحسن لنجار کي ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ عوام جي بيچيني بابت آگاهي ڏني وئي. هن مطالبو ڪيو ته حڪومت فوري قدم کڻي ته جيئن علائقي واسي سڪون جو ساهه کڻي سگهن، گهرو وزير دوران ڪچي علائقن ۾ جاري پوليس آپريشن جو جائزو وٺڻ سان گڏ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ضروري هدايتون به جاري ڪيون. دوري دوران آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي ڪشمور ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي به ساڻس گڏ هئا، ضياءُ الحسن لنجار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ پارٽي قيادت جون واضح هدايتون آهن ته ڪشمور سميت سمورن متاثر علائقن ۾ امن بحال ڪيو وڃي، هن چيو ته شڪارپور ۾ هن وقت ڪو به مغوي موجود ناهي، جڏهن ته گهوٽڪي ۾ هڪ شخص اغوا ٿيل آهي، ۽ ڪشمور ۾ راجيش ڪمار ڪيترن ئي مهينن کان اغوا ٿيل آهي، جڏهن ته ٽن ڪسٽم اهلڪارن جي بازيابي به اڃا تائين التوا جو شڪار آهي، گهرو وزير عزم ظاهر ڪيو ته ڏوهاري عنصرن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي جاري رهندي ۽ عوام سان مشوري سان ڪشمور ۾ پائيدار امن قائم ڪيو ويندو