ٺڪراٺو: ۾ جي يو آئي پاران سنڌو مٿان ڪئنال اڏڻ خلاف مين چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي احتجاج ڪندڙ اڳواڻن مولوي عبدالقيوم مھر مولوي محمد نديم پتافي عبدالصمد مھر عبدالقدير پتافي عبدالڪريم مھر عبدالواحد مھر علي گل ملڪ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته وفاق پاران سنڌو مٿان ڪئنال ٺاھيا پيا وڃن جيڪو منصوبو سنڌ دشمن منصوبو آھي اڳواڻن چيو ته ڪئنال ٺاھي سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻايون وينديون اھڙي سازش کي اسان ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين ھنن چيو ته جي يو آئي قيادت اھڙي سنڌ دشمن منصوبن خلاف ميدان عمل ۾ آھي ۽ سموري ملڪ ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويو آھي احتجاج ڪندڙن وفاق توڙي سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ڪئنالن وارو منصوبو رد ڪري سنڌ ۾ ڦھليل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رھندو.