بي اين پي جي سڏ تي بلوچستان ۾ شٽربند هڙتال، اختر مينگل جي گرفتاري لاءِ وڏي نفري مقرر

 بلوچستان نيشنل پارٽي(بي اين پي) مينگل جي سڏ تي اڄ سموري صوبي جي مختلف ضلعن ۾ هڙتال ڪئي پئي وڃي جڏهن ته بي اين پي جو لڪپاس تي ڌرڻو جاري آهي. رپورٽ موجب بلوچستان جي ضلعي گوادر ۾ به قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، انتظاميه واضح ڪيو آهي ته ڪنهن فرد يا گروپ کي لانگ مارچ جي اجازت نه ڏني ويندي، انتظاميه طرفان واضح ڪيو ويو آهي ته قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندڙ عناصرن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ٻئي طرف بي اين پي جو ڪوئٽه تائين لانگ مارچ  6 اپريل جي ڊيڊ لائن ختم ٿيڻ جي باوجود صوبائي راڄڌاني طرف وڌي نه سگهيو جڏهن ته پارٽي اڳواڻ اختر مينگل جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ڪيمپ جي چوڌاري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. حڪومت طرفان لانگ مارچ کي روڪڻ جي حوالي سان سردار اختر مينگل اڄ(سومر) تي سموري  صوبي ۾ شٽربند هڙتال جوا علان ڪيو هو ۽ پنهنجن مطالبن جي منظوري تائين ڪوئٽه جي ڀرپاسي ۾ لپڪاس تي ڌرڻو جاري رکڻ جو ارادو ڪيو. هن هدايت ڪئي آهي ته جيستائين حڪومت لانگ مارچ ڪندڙن کي ڪوئٽه ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نٿي ڏئي تيستائين لڪ پاس تي ڌرڻو جاري رهندو. بي اين پي صدر پارٽي ڪارڪنن کي چيو آهي ته هو صوبي جي سمورن روڊن کي بند ڪري ڇڏين جتي به سيڪيورٽي فورسز کين روڪي اتي ڌرڻو هنيو وڃي. ياد رهي ته بلوچستان حڪومت واضح ڪيو هو ته بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل ڪوئٽه طرف مارچ ڪيو ته انهي کي گرفتار ڪيو ويندو. بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند بي اين پي جي لانگ مارچ تي رد عمل ڏيندي چيو هو ته اختر مينگل ڪوئٽه طرف مارچ ڪيو ته  کيس گرفتاري کي منهن ڏيڻو پوندو، انتظاميه صبح 6 وڳي اختر مينگل کي انهي جي گرفتاري جي ايم پي او آرڊر کان آگاهه ڪيو هو، پر سربراهه بي اين پي اختر مينگل گرفتاري ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.