صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڪشمور ضلعي اندر امن امان جي صورتحال بابت ڪشمور ۾ ٻن ڏينهن کان ترسيل .

صوبائي گهرو وزيرضياءُ الحسن لنجار کي ڪشمور ضلعي اندر امن امان جي صورتحال بابت آئي جي سنڌ چونڊيل نمائندن هنڌو برادري جي وفد سمیت ضلعي جي معززین، ڊي آئي جي لاڙڪاڻه ضلعي چيئرمين وائس چيئرمين ڊپٽي ڪمشنر سان ڌار ڌار ملاقاتون بريفنگ ڏني وئي. صوبائي گهرو وزير واپڊا ڪالوني جي ريسٽ ھائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گهوٽڪي، شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعي ۾ صورتحال اڳ کان وڌيڪ بھتر آهي پوليس جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهيان گذريل 4 مھينن ۾ صورتحال بھتر نظر اچي رھي آھي، ھن وڌيڪ چيو ته ڪشمور ضلعي ۾ اڳ اغوا جون وارداتون وڌيڪ ٿينديون ھيون پر ھاڻي 5 مھينا اڳ اغوا ٿي ويل راجيش ڪمار جي اغوا بعد ڪشمور پوليس جي بھتر ڪارڪردگي بعد ٺاپر اچي وئي هئي ڪجھ ڏينھن اڳ ڪسٽم کاتي جا 3 ملازم اغوا ٿيا آهن، پوليس پنھنجو ڪم ڪري رھي آھي مغوين کي جلد بازياب ڪرايو ويندو، ھن وڌيڪ چيو ته ميڊيا جو ساٿ گهرجي جڏھن کان مون گھرو وزارت جي چارج سنڀالي ته لاڙڪاڻي ڊويزن مان 35 ماڻهو اغوا ٿيل ھئا، پر ھاڻي حالتون ڪافي بھتر ٿي ويون آهن، سنڌ پوليس جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن آهيان، پوليس وٽ جديد ھٿيار موجود آهن، اھلڪارن جي جان قيمتي آهي پر مقابلي ۾ شھيد ٿيندڙ اھلڪارن لاءِ وڏي مراعتون جو اعلان ٿيل آهي جنهن سان جوانن ۾ حوصلا افزائي ٿيندي ھن وڌيڪ چيو ته شڪارپور، گھوٽڪي، جيڪب آباد ۽ سکر ۾ حالتون ڪافي بھتر آھن، ڪشمور ضلعي مان ھندو نوجوان راجيش ڪمار سميت صرف پنج ماڻهو اغوا ٿيل آهن، ڏوهاري نيشنل ھائي وي تي اچي ھٿيارن جي نمائش ڪري ٽڪ ٽاڪ ٺاهن ٿا، اھڙي صورتحال بعد ھتي پھچي ڏوھارين جي خاتمي لاءِ ٻن ڏينهن کان پارٽي اڳواڻن، شھرين، ھندو برادري ۽ پوليس سان صلاح مشورا ڪري رھيا آھيون پوليس تي ڪا به سياسي مداخلت نه آهي ۽ نه ئي برداشت ڪئي ويندي, مختصر وقت امن بحال ڪرائيندا سین.