ڪنڌڪوٽ ھڪ پاسي امن امان جي صورتحال کي بهتر بنائڻ لاء گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو گڊو ريسٽ ھائوس ۾ پريس ڪانفرنس ٻئي پاسي ڏوھارين ڏينھن ڏٺي جو ڊي سي روڊ نيشنل آٽوز تي ڪاھ ڪري روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري ڦورو آساني سان فرار تفصيل موجب ڪشمور ضلعي م مختلف هنڌن ڦر جون پنج وارداتون ٿي ويون گڊو م نامعلوم هٿياربندن عامر علي مزاري کان هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل ڦر مزاحمت تي ڪرڻ تي گوليون هڻي موٽر سائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا ڪنڌڪوٽ لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد شڪارپور ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي چمني وٽ نامعلوم هٿياربندن گولا برادري جي حاجي اربيلو گولو ڪاشاڻي ٽريڪٽر ٽرالي سميت ڦر ڪري بااساني سان فرار ٿي ويا ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڊي سي روڊ نيشنل آٽوز جي دڪان تي ھٿياربندن ڪاھ ڪري ھندو دڪاندار دليپ ڪمار جي عملي کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال سندن کان روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري ڦورو آساني سان فرار ٿي ان موقعي تي متاثرن دانهيندي چيو ته گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڪشمور دوري تي آيو آھي ٻئي پاسي ڏوھارين ضلعي ۾ رڻ ٻاري ڏنو آھي، ڦر لٽ جون وارداتون معمول بڻيل آھن، شھر جي مصروف روڊ تي بنا روڪ ٽوڪ جي ڏوھارين جون ڪھري ڪارروائيون جاري آھن،، اعلي اختياريون وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي امن امان بحال ڪرائي شھرين کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي