9 مئي تي احتجاج يا ريلي نه، اداري تي حملو هو:رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش

سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل 9 مئي سانحي بابت رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 9 مئي صرف احتجاج يا ريلي نه پر هڪ اداري تي حملو هو. پنجاب حڪومت 9 مئي سانحي بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پنجاب ۾ 9 مئي هنگامي سبب 19 ڪروڙ 70 لک روپين جو نقصان ٿيو جڏهن ته 9 مئي جا 24 هزار 595 جوابدار اڃان تائين مفرور آهن. رپورٽ موجب 9مئي تي پنجاب جي 38 شهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو، لاهور ۾ 110 ملين جي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو، اهڙي طرح راولپنڊي ۾ 26 ملين جو نقصان پهچايو ويو، ميانوالي ۾ 50 ملين جو نقصان پهچايو ويو. پنجاب حڪومت جي وڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ته 9 مئي تي هڪ اداري تي حملو ڪيو ويو. 9 مئي تي صرف احتجاج يا ريلي نه پر اداري تي حملو هو. رپورٽ موجب 9 مئي تي سموري پنجاب جي 38 ضلعن ۾ 319 ڪيس داخل ٿيا، 9 مئي جي ٽوٽل  جوابدارن جو انگ 35 هزار 962 آهي ۽ 11 هزار 367 جوابدار گرفتار ٿيا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ موجب پنجاب ۾ 9 مئي تي پرتشدد احتجاج سبب 348 ملين روپين جو ملڪ کي نقصان پهتو، جڏهن ته پرتشدد احتجاج دوران 152 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار زخمي به ٿيا.