ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي جي لهر جاري، موسميات کاتي هيٽ ويو ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي

 موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي جي لهر جاري آهي، گرمي جي تازي لهر کي ڏسندي موسميات کاتي هيٽ ويو ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب اڄ ۽ سڀاڻي سنڌ صوبي، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪجهه حصن ۾ گرمي پد معمول کان  4 کان 7 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ گرمي پد دادو، موهن جو دڙو، نوابشاهه ۽ پڊعيدن ۾ 47 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته خيرپور، سبي، لاڙڪاڻو 46، رحيم يار خان، سڪرنڊ، جيڪب آباد، مٺي ۽ سکر ۾ 45 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو. انهي کان علاوه ڪراچي، ملتان، ڊيره اسماعيل خان 40، پشاور، مظفر آباد 37، اسلام آباد 35، ڪوئٽه 32 ۽ گلگت ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 31 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ رات کان 11 اپريل تائين اسلام آباد، پنجاب، ڪي پي ڪي، گليات، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير  جي ڪجهه علائقن ۾ وقفي وقفي سان  برسات جو امڪان آهي.