گهرو وزارت جي مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته عدالتي فيصلي کان پوءِ اسان ڪنهن کي به پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات ڪرڻ کان نه روڪيو آهي، ڪيترن ئي ماڻهن سان هو پاڻ ملاقات نٿو ڪرڻ چاهي. نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي طلال چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ ۾ هر هڪ جي پنهنجي ڏيڍ سرن جي مسجد آهي، هنن کان هاڻ پنهنجي ٺهيل پارٽي به نٿي سڀالي سگهجي. هن چيو ته عدالتي فيصلي کان پوءِ اسان ڪنهن کي به پي ٽي آءِ باني سان ملاقات کان نه روڪيو آهي، عمران خان پاڻ ڪيترن ئي ماڻهن سان ملڻ نٿو چاهي، هن چيو ته بشريٰ بي بي جنهن سان چاهيندي آهي پي ٽي آءِ باني انهي سان ملاقات ڪندو آهي. هاڻ پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ عمران خان سان ملاقات جي معاملي تي به ورهاست نظر اچي رهي آهي. ذريعن موجب بيرسٽر گوهر ۽ بيرسٽر علي ظفر جي ملاقات تي پارٽي ميمبرن کي ڳڻتي آهي، بيرسٽر عمير نيازي جو چوڻ آهي ته بيرسٽر گوهر ۽ بيرسٽر علي ظفر جو نالو فهرست ۾ شامل نه هو، پارٽي پاليسي ۽ باني جي حڪمن جي ڀڃڪڙي نه ٿيڻ گهرجي.