سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ خلاف سنڌ پنجاب بارڊر بند ڪرڻ جو اعلان ڪندڙ ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ کي ڪراچي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار ٻن هٿياربندن حملو ڪري کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب تشدد جو واقعو آءِ آءِ چندريگر روڊ تي واقع ريسٽورينٽ تي پيش آيو جنهن دوران موٽر سائيڪل تي سوار 2 جوابدارن عامر وڙائچ کي تشدد جو نشانو بنايو ۽ فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. عامر نواز وڙائچ وڊيو بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته سندس مٿان 6 ماڻهن جي ذريعي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، ه ن واضح ڪيو ته سنڌو درياءَ تي ڪينالن واري معاملي تان پوئتي نه هٽندس. 12 اپريل تي وڪيلن جو ڪنوينشن هر صورت ۾ ٿيندو. 72 ڪلاڪن ۾ ڪينال ڪڍڻ جو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سنڌ پنجاب بارڊر بند ڪري ڇڏينداسين. ٻئي طرف سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار عامر وڙائچ تي حملي جو نوٽيس وٺندي ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. جڏهن ته سنڌ بار ڪونسل عامر وڙائچ تي تشدد جي خلاف اڄ سموري صوبي جي عدالتن ۾ هڙتال جو اعلان پڻ ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن ڊي آءِ جي سائوٿ سيد اسد رضا نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته عامر وڙائچ ۽ ٻيا وڪيل روزاني جي بنياد تي آءِ آءِ چندريگر روڊ تي واقع ڪيفي بوگي ۾ ملندا آهن، جڏهن ته واقعي وقت هو اتي ويٺل هو، صدر ڪراچي بار ايسوسيئيشن طرفان 6 ماڻهن جي قاتلاڻي حملي جي دعويٰ جي ابتڙ ڊي آءِ جي چيو ته واقعي ۾ ڪوبه خطرناڪ هٿيار استعمال ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي فائرنگ جو ڪو واقعو پيش آيو آهي. هن چيو ته اهو هاٿاپائي جو واقعو لڳي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ عامر وڙائچ کي ڌڪ لڳا آهن، پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ اکين شاهدن جا بيان جمع ڪري رهي آهي ته جيئن سامهون آڻي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته زخمي ٿيل وڪيل انهي واقعي جي باري ۾ ايف آءِ آر داخل نه ڪري رهيو آهي.