مري ۾ تيز برسات ۽ برفباري سبب موسم ٿڌو ٿي ويو، جڏهن ته اسلام آباد ۾ به تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات موسم کي خوشگوار بڻائي ڇڏيو آهي. موسميات کاتي موجب اڄ اسلام آباد، مٿانهين پنجاب، اتر، اوڀر بلوچستان، خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ برسات جو امڪان آهي، انهي دوران ڪجهه هنڌن تي ڳڙو به پئجي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب مري ۾ تيز برفباري ۽ ڳڙو پوڻ سبب موسم ٿڌو ٿي ويو آهي. جڏهن ته اسلام آباد ۾ به تيز هوائن، کنوڻ سان برسات ۽ ڳڙو پيو، انهي کان علاوه بنون ۽ ڀرپاسي ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو. موسميات کاتي وڌيڪ ٻڌايو ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ گرمي پد دادو ۾ 47 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. اهڙي طرح سبي ۾ 46، بهاوالنگر، خيرپور، لاڙڪاڻو، مٺي، موهن جو دڙو، نوابشاهه ۽ پڊعيدن ۾ 45 ملتان ۾ 41، لاهور 39، پشاور ۾ 36 جڏهن ته ڪراچي، اسلام آباد ۽ ڪوئٽه ۾ 34 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. مظفر آباد ۾ 32 ۽ گلگت ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 27 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.