قومي ايئر لائين 21 سالن کان پوءِ اربين روپين جو منافعو حاصل ڪري ورتو

 قومي ايئر لائين 21 سالن کان پوءِ اربين روپين جو منافعو حاصل ڪري ورتو آهي. ترجمان موجب 2024 ۾ قومي ايئر لائين 9.3 ارب روپيه آپريشنل منافعو جڏهن ته 26.2 ارب روپين خالص منافعو ڪمايو. ترجمان ٻڌايو ته قومي ايئر لائين جو آپريٽنگ مارچن 12 سيڪڙو کان وڌيڪ رهيو جيڪو ڪنهن به بهترين  ايئر لائين جي برابر آهي، قومي ايئر لائين آخري منافعو سال 2003 ۾ حاصل ڪيو هو. قومي ايئر لائين جي ذڪر جوڳي ڪارڪردگي تي دفاع واري واري وزير خواجه آصف چيو ته قوم جو فخر سمجهي ويندڙ ايئر لائين تي عوام اميد وڃائي ڇڏي هئي، حڪومت جي سخت قدمن سبب قومي ايئرلائين ۾ مثبت تبديلي ممڪن ٿي آهي. خواجه آصف پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته قومي ايئر لائين مالي سال 2024 ۾ 9.3 ارب روپيه آپريٽنگ منافعو ڪمايو ۽ 21 سالن کان پوءِ قومي ايئر لائين کي 26.2  ارب روپين جو خالص منافعو حاصل ٿيو، قومي ايئر لائين جي نئين سري سان جوڙجڪ ۽ افرادي قوت ۾ تبديلي آندي وئي. وفاقي وزير  خواجه آصف چيو ته قومي ايئر لائين هاڻ نجڪاري جي ذريعي مالياتي ڪارڪردگي مان فائدو کڻڻ لاءِ تيار آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ هر طرف کان سٺيون خبرون اچي رهيون آهن. هن چيو ته رستن جي اصلاح ۽ مالياتي نظم وضبط جي تحت جامع اصلاحات لاڳو ڪيون ويون.