ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب سال 2025 جي چونڊيل عهديداران جي حلف برداري تقريب پريس ڪلب ڪنڌ ڪوٽ ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر امير فضل اويسي ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير شيخ ضلع ڪائونسل جي چيئرمين گل محمد خان جکراڻي وائيس چيئرمين مير الطاف احمد کوسو سيد بشير احمد شاھ سميت مختلف سياسي سماجي قوم پرست مذهبي تنظيمن سميت مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته نئين چونڊيل باڊي صدر لياقت علي کوسو جنرل سيڪريٽري دليپ ڪمار ٺاڪر سينئر نائب صدر حفيظ ملڪ خزانچي نصير احمد منگي سميت ٻين عهديدارن کي ڊي سي امير فضل اويسي حلف کڻايو جنهن بعد آيل مهمانن خطاب ڪندي چيو ته پريس ڪلب ڪنڌ ڪوٽ جي صحافين هميشا مظلوم عوام جو ساٿ ڏنو آهي انهن جو آواز اعلي ايوانن تائين پهچائي پنهنجو فرض ادا ڪيو اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جا صحافي دلير آهن جن هميشا سچ کي وائکو ڪيو آهي پريس ڪلب ڪنڌ ڪوٽ جي صحافين جي فلاح و بهبود لاءِ اسان دل و جان سان ڪوششون ڪنداسين جنهن بعد سال 2024 ۾ فوت ٿي ويل سينئر صحافين مرحوم راڻو خان ميراڻي مرحوم غالب بلوچ ۽ مرحوم غلام ياسين لاشاري کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سندن جون تصويرون رکي ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي