پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن فريال ٽالپر جي صدارت ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو. فريال ٽالپر جي صدارت هيٺ زرداري هائوس، ڪراچي ۾ ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعي جي تنظيمي معاملن، ترقياتي ڪمن ۽ امن امان جي حوالي سان هڪ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پي پي پي سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، وقار مهدي، صوبائي وزير داخلا ضياءُ الحسن لنجار ۽ ايم پي اي سهيل انور سيال موجود هئا. اجلاس ۾ اعجاز جکراڻي، مير شبير بجاراڻي، سردار سليم جان مزاري، سردار محبوب علي بجاراڻي، علي جان مزاري، سردار عابد خان سندراڻي، مڪيش چاولا، گل محمد جکراڻي، الطاف کوسو پڻ موجود هئا. ملاقات دوران فريال ٽالپر کي ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعي جي تنظيمي معاملن، ترقياتي ڪمن، امن امان ۽ سياسي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي. ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعو پيپلز پارٽي جو مضبوط قلعو آهي: فريال ٽالپر اجلاس ۾ ڳالهائيندي صدر آصف علي زرداري جي ويزن ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي منشور جي روشني ۾ ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ۾ عوامي مسئلن جي حل ۽ ترقي جو عمل تيز ڪيو وڃي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ جاري ترقياتي منصوبا مقرر وقت اندر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي پيپلز پارٽي جي عوامي حڪومت ڪشمور-ڪنڌڪوٽ سميت صوبي جي هر ضلعي ۾ ماڻهن جا مسئلا انهن جي درن تي حل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي