پريالوءِ ڀرسان ڳوٺ زنوار الهداد بڙدي ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب هڪ خاندان بي گهر، سڄو سامان سڙي خاڪ

پريالوءِ ڀرسان ڳوٺ زنوار الهداد بڙدي ۾ هڪ گهر کي اوچتو باهه لڳڻ سبب روڪ رقم سميت سمورو گهر جو سامان سڙي رک ٿي ويو، جڏهن ته متاثر خاندان کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. ڳوٺ زنوار الهداد بڙدي جي رهواسي شوڪت علي بڙدي جي گهر ۾ اوچتو چلهه مان باهه نڪري وئي، جنهن سبب سڄي گهر کي باهه وڪوڙي وئي. باهه لڳڻ بعد گهرڀاتي دانهون ڪندا ٻاهر نڪري آيا، جڏهن ته ڳوٺاڻن پاران فوري طور تي باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر باهه تيزي سان پکڙجي وڃڻ سبب گهر ۾ رکيل روڪ رقم، فرنيچر، کٽون، ڪپڙا، سولر پليٽون ۽ ٻيو قيمتي سامان مڪمل طور تي سڙي رک ٿي ويو. متاثر شوڪت علي بڙدي ۽ سندس ڀاءُ مسڪين بڙدي جو چوڻ آهي ته باهه چلهه مان نڪتل چڙنگ سبب لڳي، جنهن دوران اسان پنهنجي معصوم ٻارڙن سميت جان بچائي ٻاهر نڪتاسين، پر سڄو گهر خاڪ ٿي ويو. متاثر خاندان جو چوڻ آهي ته هاڻ اسين بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺ ويٺا آهيون. هنن ضلعي انتظاميه سميت ڊي سي خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن واهر ڪئي وڃي ته جيئن هو ٻيهر پنهنجي زندگي بحال ڪري سگهن.