ڀارت ۾ هڪ شادي جي تقريب دوران جوتا لڪائڻ جي رسم ۾ مرضي موجب پئسا نه ملڻ تي ڪنواريتن گهوٽ کي سخت مارڪٽ جو نشانو بنايو ڀارتي ميڊيا موجب رياست اتر پرديش جي ضلعي بجنور ۾ شادي جي تقريب منعقد ڪئي وئي، خوشين سان ڀريل محفل جو ماحول انهي وقت گرم ٿيو جڏهن جوتا لڪائڻ جي رسم ۾ ڪنواريتن جي ڊيمانڊ پوري نه ڪئي وئي. ميڊيا رپورٽن موجب گهوٽ محمد شبير جو تعلق رياست اتر کنڊ سان آهي جيڪو پنهنجي ڄڃ وٺي بجنور ويو هو جتي جوتا لڪائڻ جي رسم دوران ڪنواريتن 50 هزار روپين جي گهر ڪئي پر پنهنجي حيثيت موجب گهوٽ 5 هزار روپيه ڏنا جيڪا ڳالهه ڪنواريتن کي پسند نه آئي. ڪنواريتن طرفان آيل عورتن گهوٽ کي فقير چوڻ شروع ڪيو، گهوٽ شبير کي فقير چوڻ تي ٻنهي خاندانن ۾ جهيڙو ٿي پيو جيڪو جلد ئي هاٿاپائي ۾ تبديل ٿي ويو جنهن دوران ڪنواريتن گهوٽ کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري لٺين سان مارڪٽ جو نشانو بنايو. اهڙي واقعي کان پوءِ ڪنواريتن الزام لڳايو ته شبير جي گهر ڀاتين تحفي ۾ ملندڙ سون جي معيار جي باري ۾ پڇيو هو انهن کي ڇوڪري کان وڌيڪ پئسن سان محبت هئي، اهڙي واقعي جي خبر ملندي ئي پوليس موقعي تي پهچي وئي ۽ ٻنهي خاندانن کي ٿاڻي تي گهرائي ورتو جتي سمورو واقعو ٻڌڻ کان پوءِ ٻنهي خاندانن جي صلاح ڪرائي وئي.