سنڌو دراءَ تي ڊيم ٺهڻ سبب انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي وئي آهي، ٺٽو شهر جا ڪيترائي ڳوٺ ۽ 25 لک ايڪڙ زمينون سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. هاڻي ته صورتحال اها آهي ته ماڻهن کي آبادي ته ڇا پر پيئڻ جو پاڻي نه پيو ملي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي هيوسٽن ۾ سنڌي ڪموينٽي کي خطاب ڪندي ڪيو. سانا جي سيڪريٽري جنرل اسد شيخ ۽ ٻين پاران سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته سنڌو درياءَ مان هاڻي وڌيڪ ڪينال پيا ڪڍيا وڃن جنهن سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي. هن ملڪ جي مافيا سنڌين کي ورهائي ڇڏيو آهي ۽ سنڌ جو جاگيردار طبقو انهن مافيائن جي سدائين دلالي ڪئي آهي. اڳ ۾ هو انگريزن جي دلالي ڪندا هئا ۽ هاڻي پاڪستان جي طاقتور طبقن جي دلالي پيا ڪن. هن چيو ته اسين ڪينالز ڍهڻ خلاف مزاحمت ڪريون پيا ۽ هر قيمت تي انهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪنداسين ڇو ته هي سنڌ جي جياپي جو سوال آهي. هن چيو ته سنڌي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آهن، انهن کي سنڌ جي هن جياپي واري سوال تي احتجاج ڪرڻ گهرجي ۽ مونکي خوشي آهي ته آمريڪا، برطاني سميت مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين احتجاج ڪيا آهن پر اصل ڳالهه هڪ اڌ مظاهرو ڪرڻ جي ناهي، ان احتجاج کي مسئلي جي حل تائين جاري رکڻو آهي.