لاڙڪاڻو ۾ امن امان تي ظابطو نه اچي سگهيو، ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل، وارثن طرفان لاش رکي ڌرڻو

 لاڙڪاڻو  ۾ امن امان تي ظابطو نه اچي سگهيو ، رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد ملگاڻي چونڪ وٽ نامعلوم ھٿياربندن  ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، وارثن نوجوان جو لاش ايس ايس پي چونڪ تي رکي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ڳوٺ شھداد بروهي واسي 30 سالن جي نوجوان عامر بروهي کان نامعلوم هٿياربند موٽر سائيڪل روڪ رقم ڦر مزاحمت ڪرڻ تي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو  احمد چوڌري واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او رشيد وڳڻ کي واقعي جي جاچ ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو قتل  ٿيل نوجوان جي امڙ نهال خاتون ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو پٽ نظر محلا ۾ ڪرياني جو دڪان هلائيندو هيو اڄ صبح هو پنهجي دڪان تي وڃي رهيو هيو ھٿياربندن ان کان موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪري گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو  هنن آءِ جي سنڌ ،ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو  کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي