اسلام آباد، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا، شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو

وفاقي راڄڌاني اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ رهواسين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو ۽ ڪلمه طيبه جو ورد ڪندي پنهنجن گهرن کان ٻاهر نڪري آيا. رپورٽ موجب وفاقي راڄڌاني کان علاوه جاڙن شهرن راولپنڊي ۾ به زلزلي جا وڏا محسوس ڪيا ويا جنهن سبب رهواسين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو. رپورٽ موجب خيبرپختونخواهه جي ضلعي سوات ۽ ڀرپاسي ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، ضلعي صوابي ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. انهي کان علاوه صوبي جي ضلعي بونير ۽ ڀرپاسي ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، شانگله بل شهر ۽ ڀرپاسي ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلو ماپ ڪندڙ مرڪز موجب زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.5 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جي اونهائي 12 ڪلو ميٽر هئي. زلزلو ماپ ڪندڙ مرڪز ٻڌايو ته زلزلي جو مرڪز راولپنڊي جي اترين اوڀر ۾ 60 ڪلو ميٽر جو علائقو هو زلزلي جا لوڏا 12 لڳي 31 منٽن تي محسوس ڪيا ويا. ٻئي طرف موسميات کاتي  پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.5 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جو مرڪز راولپنڊي جو اتريون اوڀر وارو علائقو آهي،