“ٺڪراٺو لڳ ريل جو المناڪ حادثو: ڳاڙهو دڙو جو گونگو نوجوان محبت علي فوت”

ٺڪراٺو لڳ ڳوٺ ڳاڙهودڙو واسي گونگو نوجوان حيدرآباد ۾ ريل هيٺان اچي فوت ٿي ويو ڳاڙهو دڙو واسي 32 سالا گونگو نوجوان نوجوان ڳوٺان روزي خاطر حيدرآباد روڊ جي ڪم تي ويل هو ريل جي پٽڙي ڪراس ڪندي ريل هيٺان اچي فوت ٿي ويو فوتي نوجوان جو لاش حيدرآباد کان ايمبولنس ذريعي ڳوٺ ڳاڙهو دڙو آندو ويو نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ قهرام مچي ويو ٺڪراٺو(رپورٽ)ٺڪراٺو واسي 32 ورھين جو گونگو نوجوان حيدرآباد ۾ ريل جو ٽڪر لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آھي ڳوٺ ڳاڙھو دڙو واسي گونگو نوجوان محبت علي پٽ علي نواز مھتم حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي ريل جو ٽڪر لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آھي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي سندس گھر ۾ قھرام مچي ويو سندس وارثن رابطي تي ٻڌايو ته اسانجو گونگو نوجوان محبت علي حيدرآباد ۾ روڊ جي مزدوري ڪندو ھو جتي ھو ريل جو ٽڪر لڳڻ سبب فوت ٿي ويو فوت ٿيل نوجوان جي مڙھ کي ايمبولينس ذريعي سندس اباڻي ڳوٺ آندو ويو جنهن جي نماز جنازه ادا ڪئي وئي جنهن بعد سندس مڙھ اباڻي قبرستان ۾ مٽيء ماء حوالي ڪيو ويو