“سکر ۾ صحافي اي ڊي شر جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، قاتلن جي فوري گرفتاري جو مطالبو”

سکر نيشنل پريس ڪلب اڳيان وڏي انگ ۾ صحافين، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين شرڪت ڪئي. ريلي جي اڳواڻي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سينيئر اڳواڻ امداد ڦلپوٽو ڪئي، جڏهن ته سکر يونين آف جرنلسٽس جو جنرل سيڪريٽري ساحل جوگي، مسلم ليگ ن جو ضلعي صدر خورشيد ميراني، ضلعي بار سکر جو اڳواڻ ايڊووڪيٽ سڪندر جونيجو ۽ ٻيا سينيئر صحافي پڻ موجود هئا. مقررن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته صحافي اي ڊي شر کي بي دردي سان تيز ڌار اوزار سان قتل ڪرڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۽ صحافت جي آزادي تي حملو آهي، جيڪو سخت مذمت جوڳو عمل آهي. شرڪت ڪندڙن افسوس جو اظهار ڪيو ته مک جوابدار منصور اعوان اڃا تائين قانون جي پڪڙ کان ٻاهر آهي، جيڪو پوليس جي ناڪامي جو ثبوت آهي. احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ صحافين ڪي بي شيخ، تاج رند، پراگ شرما ۽ ٻين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي، جيئن ايندڙ وقت ۾ ڪنهن به صحافي کي پنهنجي جان جي قرباني نه ڏيڻي پوي. صحافين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن جوابدارن کي جلد گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ سڄي صوبي ۾ مظاهرا ڪيا ويندا.