سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مليريا جا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن. صحت کاتي موجب پهرين جنوري کان 11 اپريل تائين سنڌ ۾ مليريا جا 16 هزار 733 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته جنوري کان 11 اپريل تائين ڪراچي مان مليريا جا 186 ڪيس سامهون آيا. صحت کاتي موجب سڀني کان وڌيڪ مليريا جا ڪيس ڪراچي جي ضلعي جنوبي مان 72 ڪيس رپورٽ ٿيا، ضلعي ملير مان 62، ضلعي غربي مان مليريا جا 29 ڪيس سامهون آيا، ڪورنگي ضلعي مان 16، ضلعي شرقي مان 5 ۽ ضلعي وسطي مان مليريا جا 2 جڏهن ته ضلعي ڪياماڙي مان مليريا جو ڪوبه ڪيس سامهون ناهي آيو. اهڙي طرح حيدرآباد مان مليريا جا 6 هزار 596 ڪيس رپورٽ ٿيا. سکر ڊويزن مان مليريا جا هڪ هزار 549، لاڙڪاڻي ڊويزن مان مليريا جا 4 هزار 136، ميرپورخاص ڊويزن مان مليريا جا هڪ هزار 828 ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن مان مليريا جا هڪ هزار 984 ڪيس رپورٽ ٿيا.