زيونڪس سولر انرجی پاران سکر جي نجي هوٽل ۾ ٽيڪنيشنز لاءِ برانڊ اورينٽيشن ۽ ٽريننگ سيشن جو اهتمام

زيونڪس سولر انرجی پاران سکر جي هڪ نجي هوٽل ۾ سولر ٽيڪنيشنز لاءِ هڪ اهم ٽريننگ ۽ برانڊ اورينٽيشن سيشن ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ مسترين شرڪت ڪئي. ٽريننگ سيشن دوران شرڪت ڪندڙن کي سولر انوٽرز جي مختلف قسمن IP21، IP54 ۽ IP65 بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني وئي، جڏهن ته Z-Box لٿيم بيٽري بابت پڻ آگاهي ڏني وئي. ان موقعي تي، زيونڪس پاران سولر انسٽاليشن ڪندڙ مسترين لاءِ هڪ خاص لوئلٽي پروگرام متعارف ڪرايو ويو، جنهن تحت شرڪت ڪندڙن کي موٽر سائيڪلون، عمره جا ٽڪيٽ، ۽ بين الاقوامي سفرن جا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. پروگرام دوران ڪڻن وسيلي شرڪت ڪندڙن کي سوين انعام ڏنا ويا، جن ۾ قيمتي تحفا ۽ سولر انسٽاليشن لاءِ ضروري ٽول ڪِٽس به شامل هيون. پروگرام ۾ زيونڪس ڪمپني سان لاڳاپيل زونڪس جو ڊائريڪٽر عمار قاضي ، جنرل مينيجر حماد اروڙا ، اعظم شيخ, دتا اليڪٽرونس جي سي ئي او آتم ۽ ٻين شرڪت ڪئي هن اهم پروگرام ۾ سکر، لاڙڪاڻو، شڪارپور، گمٽ، سبي (بلوچستان)، صادق آباد (پنجاب)، نوشهروفيروز ۽ مورو سميت مختلف علائقن مان آيل ٽيڪنيشنز جي وڏي شرڪت ڪئي