غوثپور ڀرسان ڪرنٽ لڳڻ سبب 12 ورهين جو معصوم نينگر مهراڻ اوڳاھي فوت، ڳوٺ ۾ سوڳ

غوثپور ڀرسان مئن انڊس ھا۽ وري علائقي ڳوٺ جمعي اوڳاھي ۾ پاڻي واري موٽر مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 12 ورھين جو معصوم نينگر مھراڻ اوڳاھي پٽ لالو اوڳاھي ٿڏي تي فوت ٿي ويو۔ لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ۽ سندس امڙ کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا۔ جڏھين ته ڳوٺ ۾ سوڳ پکڙجي ويو۔ رابطي ڪرڻ تي فوتي نينگر مھراڻ جي والد لالو اوڳاھي ٻڌايو ته نينگر گھر ڀرسان ٽيوب ويل ۾ وھنجڻ لا۽ موٽر ۾ سوئچ کي ھٿ ھنيو ته بجلي جو ڪرنٽ ڇڪي ويس ۽ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو