ڳالهين جو حامي آهيان، آمريڪي وفد عمران خان جو ڪوبه ذڪر نه ڪيو: اياز صادق

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته آمريڪي وفد عمران خان جو ڪوبه ذڪر نه ڪيو، وفد واضح ڪيو ته پاڪستان جي سياسي معاملن سان اسان جو ڪوبه تعلق نه آهي، ڳالهين جو مڪمل حامي آهيان، هر مسئلي کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته اپوزيشن هر معاملي تي سياست ڪندي آهي، آمريڪي ڪانگريس جي پاڪستان جي دوري تي به اپوزيشن سياست ڪئي، اپوزيشن ايوان ۾ ڪينال جي معاملي تي ڳالهيون ناهن ڪيون. سردار اياز صادق چيو ته هميشه خواهش رهي آهي ته سوالن جي وقفي کي مڪمل ڪيو وڃي، ماضي جي حڪومت پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪيا هئا، هر معاملي کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو، ڳالهين جي لاءِ مڪمل طور تي سنجيده ڪوشش ڪئي. اسپيڪر وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام فلسطينين سان گڏ آهن، پاڪستان جو فلسطين جي حوالي سان موقف واضح آهي، اسرائيل فلسطين جي معصوم عوام تي ظلم ڪري رهيو آهي.