بي اين پي مستونگ لڪپاس تي 20 ڏينهن کان جاري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب بلوچستان نيشنل پارٽي(مينگل) طرفان بلوچستان ۾ مستونگ لڪپاس تي 20 ڏينهن کان جاري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل ڌرڻي جي خاتمي جو اعلان ڪندي چيو ته اسان پرامن جدوجهد تي يقين رکون ٿا، اسان ڌرڻو ختم ته ڪيو پر تحريڪ جاري رهندي، اڄ کان عوامي رابطه مهم شروع ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته بي اين پي هاڻ پنهنجن جلسن ۽ عوامي احتجاجن جي شروعات ڪري رهي آهي. انهي سلسلي ۾ پهريان مستونگ، خضدار، قلات، سوراب ۾ جلسا منعقد ڪيا ويندا انهي کان پوءِ ٻيون مرحلو شروع ٿيندو جنهن ۾ تربت، مڪران ۽ گوادر جي علائقن ۾ احتجاجي جلسا منعقد ڪيا ويندا. اختر مينگل چيو ته مهم جي ٽئين مرحلي ۾ نصيرآباد، جعفر آباد، ڊيرا مراد جمالي ۽ ٻين علائقن ۾ جلسا ڪوٺايا ويندا، ٻئي طرف اڳوڻي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سردار اختر مينگل سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ ڌرڻو ختم ڪرڻ تي سندن ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته ڌرڻي کي پرامن طريقي سان ختم ڪرڻ بهترين فيصلو آهي.