سيد زين شاھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته درياء بچائڻ لاءِ تحريڪ طاقتور شڪل ۾ سامهون ايندي ،سنڌو جو سودو ايف آء سي جي شڪل ۾ سازش سٽي صوبن جي ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ جا سنڀال ٿي رھيا آھن، ھن چيو ته ڪمپني کي سرڪار ، سنڌ ۾ 2 لک ايڪڙ زمين ڪمانڊ ايريا ۾ ڏني آھي، سنڌ ۾ نواز ليگ ۽ پ پ جو منفي ڪردار آھي، صدر 8 جولائي تي فيصلو ڪيو واپس وٺڻ گھرجي ھا ،وڏو وزير ۽ چيف آرمي ويٺو آھي ملڪيت جا فيصلا ٿيندا سي سي آء 18 ترميم غير اھم ٿي وئي آھي هن چيو ته ون يونٽ جو فارمولو ناڪام ٿي چڪو آھي ون يونٽ نہ مڙھيو سياسي فيصلا سياسي فورم تي ڪيا وڃن ھن چيو ته سنڌو ندي جو سودو مجموعي طور تي صوبن جي ملڪيتن تي قبضي جي سازش آهي،اسلام آباد ۾ ايس آءِ اي سي ڪانفرنس ۾ صوبن تي ڪنٽرول ڪرڻ وارو پروگرام آهي، ھن چيو ته پاڪستان جي ڪمانڊ ايريا ايگريڪلچر آهي ۽ ان کي تباھ ڪيو پيو وڃي. زين شاه چيو ته ملڪ جي ملڪيتن کي پرائيويٽ ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ ايندڙ نسل کي غلام بڻائڻ آهي.ھن چيو ته پ پ ن ليگ سان ملي ڀڳت ڪري ايس آء اي سي جو آئين پاس ڪرائي ان کي اختيار ڏنو ويو. ان کي اسين رد ڪريون ٿا. ايس يو پي اڳواڻ چيو ته ميرپور خاص ۽ عمر ڪوٽ ۾ ٻه لک ايڪڙ زمين ڏني وئي آهي سنڌ جي زمين ڪمانڊ ايريا کي ڏني وئي آهي جيڪا پ پ سرڪار ڏني آهي، ھن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اياز صادق جو عمل جمهوريت دشمن آهي جيڪڏهن ايوان عام ماڻهن لاء بند ڪيا ويا ته ماڻهو ٻيو رستو اختيار ڪندا.پ پ کي احتجاج ڪرڻ بجاء فيصلو ڪرڻ گهرجي باقي احتجاج ڪرڻ ۽ عوامي رابطه مهم ڊرامو آهي. ھن چيو ته گريٽر ٿل ڪينال جو بنياد به پ پ سرڪار جو وڌل هيو ۽ پاڻي جي وارا بندي به پ پ جو ڏنل توفو آهي. ھن چيو ته سنڌ جي وڪيلن، آباد گارن، شاگرد، ڊاڪٽرن ۽ سوشل سماجي تنظيمن سان رابطي ۾ آهيون جدوجهد جاري رهندي.ھن اعلان ڪندي چيو ته 9 اپريل تي حيدرآباد ۾ ريلي ڪڍي باء پاس وٽ جلسو ڪيو ويندو ۽ ڪينالن جي خلاف جدوجهد جاري رهندي.