غوثپور شھر جي مئن بس اڏي تي علائقي جي سياسي سماجي ۽ سول سوسائٽي طرفان شھر جي رورل ھيلٿ سينٽر ۾ دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ واري عمل خلاف لڳل ڌرڻو ڇھن ڪلاڪن کانپو۽ صحت کاتي جي عملدار ڊي ايڇ او ڪشمور ڊاڪٽر سيد اعجاز شاه جي آمد ۽ اڳواڻن سان ملاقات ڪري کين يقين دھاني ڪرائڻ بعد ختم ڪيو ويو۔ ان موقعي تي ڊي ايڇ او ڪشمور کي آل پارٽيز ڪانفرنس جي اڳواڻن طرفان رورل ھيلٿ سينٽر کي بھتر ۽ فعال ڪرائڻ لا۽ ٻارنھن مطالبا پيش ڪيا ويا جن جو جواب ڏيندي صحت کاتي جي عملدار چيو ته مونکي آئي صرف ھڪ ھفتو ٿيو آھي ۽ مان پاڻ ھن شھر جو رھواسي آھيان ۽ اسپتال جي مسئلن کي بھتر طريقي سان سمجھانٿو توھان دوست مونکي صرف ٻھ مھينا ڏيو ته مان توھانجا پيش ڪيل سڀ مطالبا منظور ڪرائي ڏيکاريندس جنھن ۾ اسپتال اندر اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن جي موجودگي۔ ايڪسري مشين کي فعال ڪرڻ۔ ليبارٽري جي سھولت ڏيڻ دوائن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ۔ ڊاڪٽرن جي حاضري جو عمل۔ ايمبولنس وغيره مھيا ڪري ڏيڻ شامل آھن جنھن بعد ڌرڻي ۾ ويٺل مخلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سندس ڏنل خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو۔ جنھن بعد بيٺل ٽريفڪ پنھنجي منزل طرف رواني ٿي ويئي