پريالوءِ (رپورٽر) صحافتي حقن تي وار، سچ لکڻ جي سزا! پريالوءِ جي سينيئر صحافي، نجي ٽي وي جي رپورٽر نصرالله کيڙو کي ايس ايڇ او اقبال نون پاران مبينا طور تي ڏنل ڌمڪين خلاف صحافتي برادري سراپا احتجاج بڻجي وئي آهي. پريالوء پريس ڪلب جي صحافين پاران ايس ايڇ او خلاف سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪيترن ئي صحافين شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته نصرالله کيڙو هڪ بهادر، بيباڪ ۽ حق پرست صحافي آهي، جيڪو بنا ڊپ ڊاءَ جي هميشه مظلومن جو آواز بڻيو آهي. پر هاڻ کيس سچ لکڻ جي ڏوهه ۾ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جيڪو عمل اظهار جي آزادي، انساني حقن ۽ صحافتي اصولن جي لتاڙ آهي. احتجاج دوران صحافين عبدالجبار ميراڻي، محمد انور ناريجو، صوبل اوڍو، عبدالقيوم شيخ، مشتاق احمد سولنگي، محمد عمر ڀٽو، سرفراز حسين، حمادالله، نصرالله کيڙو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پوليس جو ڪم عوام جي حفاظت آهي، نه ته صحافين کي ڌمڪائڻ. صحافت ڪو جرم ناهي، پر صحافين کي ڌمڪائڻ اصل ڏوهه آهي، جيڪو ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو. هن موقعي تي صحافين ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او اقبال نون خلاف فوري طور قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، سندس ذميواريون معطل ڪري شفاف جاچ شروع ڪئي وڃي. هنن واضح ڪيو ته جيڪڏهن نصرالله کيڙو يا ڪنهن به صحافي سان ڪو به نقصان ٿيو ته ان جي سڄي ذميواري پوليس تي هوندي. احتجاج ڪندڙن هٿن ۾ بينر کڻي “صحافت جو تحفظ، جمهوريت جو تحفظ آهي”، “سچ لکندڙ صحافين کي تحفظ ڏيو”، ۽ “ڌمڪين بند ڪيو” جا نعرا هنيا ويا، صحافين جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اڄ به صحافي خاموش ٿي ويا ته سڀاڻي عام ماڻهوءَ جي زبان تي به تالا لڳي ويندو. تنهن ڪري اسان سچ سان گڏ آهيون، ۽ حق لاءِ آواز اٿارينداسين، ڀلي ان جي قيمت ڪيڏي به هجي.