ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي تڪراري ڪئنالن خلاف وڪيلن جو ڌرڻو شروع، سنڌ پنجاب ڏانهن ٽريفڪ جي اچ وڃ مڪمل طور بند ٿي وئي

 ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي تڪراري ڪئنالن خلاف وڪيلن جو ڌرڻو شروع ٿي ويو آهي جنهن سبب سنڌ پنجاب ڏانهن ٽريفڪ جي اچ وڃ مڪمل طور بند ٿي وئي آهي وڪيلن جي ڌرڻي ۾ جسقم جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ فتاح سميجو پڻ شامل ٿي ويا آهن جڏهن ته ڌرڻي ۾ اسڪولي شاگرد، شهري، اديب، سماجي اڳواڻ ۽ زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل آهن هر طرف سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف جذباتي نعرن جي گونج ٿي رهي آهي.