ڄامشورو ۾ انڊس هاءِ وي تي گذريل شام کان لڳل ڌرڻو جاري آهي، جنهنڪري ٽريفڪ مڪمل طور تي معطل ٿي وئي آهي، سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي نوجوانن پاران گذريل شام سنڌالاجي سامهون انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو هو، ٽريفڪ کي متبادل رستو ملڻ تي شاگردن رات دير سان سنڌالاجي سامهون ڌرڻو ختم ڪري سيد آباد سامهون انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو. ڄامشورو_ سيوهڻ انڊس هاءِ وي تي رات کان لڳل ڌرڻي سبب ٽريفڪ مڪمل طور بند ٿي وئي آهي، روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون آهن، صبح سوير ڌرڻي ۾ راڳي ٻالڪ سنڌي پهچي قومي گيت پيش ڪري ڌرڻي ۾ شامل نوجوانن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏيو. ڄامشورو، سيوهڻ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻي ۾ موجود ڪامريڊ غني امان ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمين ۽ وسيلن تي قبضن خلاف مزاحمت ڪبي، جيسيتائين ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال ٺاهڻ وارا سنڌ دشمن منصوبا ختم نه ٿا ڪيا وڃن تيسيتائين تحريڪ جاري رهندي.