مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني تي حملو: ايس ٽي پي جو ضلعي صدر گرفتار

مذهبي معاملن واري مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني تي حملي جي الزام ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي صدر جلال شاهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس مڪلي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي صدر سيد جلال شاهه جي گهر تي ڇاپو هڻي جلال شاهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته کيئل داس ڪوهستاني تي حملو ڪندڙن جي خلاف سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي صدر سميت 7 ڄڻن جي خلاف داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ڪيس ۾ رستو روڪڻ، ڊيوٽي ۾ رنڊڪ وجهڻ ۽ تذليل جو نشانو بنائڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن مسلم ليگ(ن) سان تعلق رکندڙ مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني جي گاڏي تي حملو ڪيو ويو هو، مملڪتي وزير جي گاڏي تي ٽماٽا وسايا ويا ۽ ڏنڊا به هنيا ويا پر خوشقسمتي سان وفاقي مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني محفوظ رهيو. ٻئي پاسي کيئل داس ڪوهستاني جو پاڻ تي حملي بابت بيان سامهون اچي ويو آهي. کيئل داس ڪوهستاني کان صحافي سوال ڪيو ته ڪالهه جيڪو اوهان تي حملو ٿيو هو، اوهان ڇا ٿا سمجهو انهي ۾ پيپلز پارٽي جو هٿ آهي؟ جنهن تي مملڪتي وزير چيو ته مان نٿو سمجهان ته پيپلز پارٽي انهي ۾ شامل آهي، مان سمجهان ٿو ته پيپلز پارٽي هڪ جمهوري پارٽي آهي پيپلز پارٽي اهڙي طرح جا هٿڪنڊا ڪڏهن به ناهن ڪيا. کيئل داس ڪوهستاني چيو ته جن ماڻهن حملو ڪيو انهن جا جهنڊا ۽ چهرا سامهون هئا جيڪي سڀني ڏٺا انهي حملي جي خلاف پوليس جي مدعيت ۾ ڪيس به داخل ٿيو آهي،  خبر پئي آهي ته ڪجهه گرفتاريون به ٿيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان پرامن ماڻهو آهيون، اسان امن جون ڳالهيون ڪندا آهيون، اسان تعمير، ترقي، خوشحالي ۽ پاڪستان جي ڳالهه ڪندا آهيون، اسان صوبي جي حقن جي به ڳالهيون ڪندا آهيون، پاڪستان اسان سڀني جو آهي، اهڙي طرح جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان کي پنهنجي ڪم کان نٿيون روڪي سگهن.