پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسيحي برادري اڄ ايسٽر جو تهوار مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي. ڏينهن جي مناسبت سان گرجا گهرن ۾ خصوصي عبادتون ڪيون وينديون، سڄي ملڪ جي گرجا گهرن لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن. سموري ملڪ ۾ سيڪيورٽي کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي جنهن جي تحت گرجا گهرن جي اندر ۽ ٻاهر پوليس اهلڪار مقرر رهندا. گرجا گهرن طرف ايندڙ رستن تي ناڪا لڳايا ويندا، جڏهن ته پوليس ۽ ايليٽ فورس جا ڪمانڊوز چوڌاري پيٽرولنگ ڪندا. وزيراعظم شهباز شريف مسيحي برادري کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ايسٽر تجديد ۽ اميد جي نشاني آهي، حضرت عيسيٰ عليه السلام جو پيغام رحمت، انڪساري ۽ محبت جو سرچشمو آهي. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي تعمير، ترقي ۾ مسيحي برادري جي نمايان ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته مسيحي برادري جي محنت، ديانت ۽ خدمتون اسان جي لاءِ قابل فخر سرمايو آهن، يقين آهي ته مسيحي برادري پرامن، خوشحال پاڪستان جي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکندي.