سنڌو درياءَ تي ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف ٻٻرلو باءِ پاس تي وڪيلن طرفان هنيل ڌرڻو اڃان تائين جاري آهي. رپورٽ موجب سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ جي خلاف وڪيلن طرفان خيرپور ڀرسان ٻٻرلو باءِ پاس تي 2 ڏينهن اڳ هنيل ڌرڻو اڃان تائين جاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ هلندڙ ٽريفڪ جمعي کان معطل آهي. ڪينال منصوبي خلاف حيدرآباد ۾ به سنڌ بچايو ڪائونسل طرفان قاسم آباد باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويو آهي جنهن سبب ٽريفڪ جي روانگي متاثر آهي. انهي موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ڪيل ترمقم واپس ورتي وڃي ۽ ڪينالن جي منصوبي کي رد ڪيو وڃي. انهي کان علاوه لاڙڪاڻي جي علائقي رتو ديرو باءِ پاس تي قومپرست پارٽين طرفان ڌرڻو هنيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ سکر، لاڙڪاڻو ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي ۽ مسافرن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.