ڪرمپور لڳ قتل ٿيل نوجوان جو قتل ڪيس چولياڻي برادري جي 8 جوابدارن خلاف داخل, قتل واقعي جا ڪرمپور پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي, مقتول جي وارثن جو احتجاج, انصاف جي اپيل خبر موجب : ڪرمپور لڳ ڪرمپور ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ ڪريم خان چولياڻي ۾ 5 ڏينهن اڳ ڪارنهن تڪرار تان چولياڻي برادري جي ٻن ڌرين جي جهيڙي تان فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل ڳاڙهي ڌر جي مقتول 21 سالا نوجوان بهرام علي چولياڻي پٽ خان محمد چولياڻي جو قتل ڪيس ۽ ساڳئي واقعي ۾ ساڳئي ڌر جي زخمي فقير محمد چولياڻي واقعي جو ڪيس گذريل رات ڪرمپور ٿاڻي تي علي گوهر چولياڻي جي فرياد تي نالي هر هڪ جوابدارن جهانو پٽ گل محمد چولياڻي, حضور بخش پٽ ڪريم خان, عالم پٽ ياسين, ابراهيم پٽ موج الدين, شڪور پٽ سائين بخش, ڪريم خان پٽ مغيم ۽ حفيظ الله چولياڻي سميت 7 جوابدارن کي نالي وار ۽ هڪ جوابدار کي ڏسي سڃاڻ طور قتل ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو آهي, ڪرمپور پوليس قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي, هوڏانهن مقتول جي وارثن علي گوهر چولياڻي, فقير محمد چولياڻي, قربان چولياڻي, محمد هاشم چولياڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري ۽ انصاف جي اپيل ڪئي آهي