“ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌو درياهه مان نون ڪئنالن خلاف ايس ٽي پي جو ڌرڻو: انڊس هاءِ وي تي روڊ بلاڪ، پاڻي لاءِ زوردار نعريبازي”

ڪنڌڪوٽ سنڌو درياءُ مان ڇھ نوان ڪينال اڏڻ واري عمل خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سڏ تي ڪنڌڪوٽ ۾ ايس ٽي پي طرفان انڊس ھاءِ وي گولا موڙ وٽ روڊ تي رڪاوٽون رکي مرڪزي اڳواڻن گلزار سومرو، ڊاڪٽر سومار مڱريو ۽ ضلعي صدر محمد اڪرم باجڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو روڊ بند ٿيڻ ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي ڪينال سمورا نامنظور، سنڌو تي ڌاڙو نامنظور، پاڻي خاطر جھيڙو آ، وفاق توسان جھيڙو آ جي زورداري نعريبازي ڪئي انھي دوران مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ظريت ساگر بجاراڻي، والي ڏنو سنڌي، عبدالعزيز سومرو، جيوڻ خان سبزوئي، قمرالدین سھریاڻي ۽ ٻيا به ڌرڻي ۾ شامل ٿي ويا انھي موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھيندي چيو ته آخر سنڌ جو پاڻي ڇو بند ڪرڻ جي سازش ٿي رھي آهي ھي ڪٿان جو انصاف آهي سنڌ جي حصي جي پاڻي مان نيڪال ڪڍي سنڌ جي آباد زمين کي غير آباد ۽ بنجر ڪيو وڃي ٿو اسين ھڪ ھي مطالبو ڪيون ٿا ته بنا ڪنهن دير جي سنڌ دشمن منصوبا ڪينال فوري بند ڪري سنڌ جو پاڻي سنڌ کي ڏنو وڃي،