درياءِ سنڌ مان نڪرندڙ ڇھ تڪراري ڪئنالن خلاف ڪشمور ۾ وڪيل برادري جو احتجاج ٻئي ڏينهن به جاري ڌرڻو گذريل 2 ڏينهن کان جاري، بار ڪائونسل جي سڏ تي عدالتي ڪارروايون غيرمعينا مدت تائين معطل، وڪيلن عدالتن جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، ضلع بار جي صدر عبدالغني بجاراڻي ،آفتاب چنه ،ظريت بجاراڻي عبدالرؤف کوسو، نثار سومرو بادل شيخ عبدالنبي بروهي نثار بنگوار سميت ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڊيرا موڙ تي ڌرڻو جاري، احتجاج ڪندڙ وڪيلن جو چوڻ آهي ته سنڌ جو پاڻي ڪنهن به صورت ۾ ڦٻائڻ نه ڏنو ويندو. ايڊووڪيٽ عبدالغني بجاراني ۽ ايڊووڪيٽ آفتاب چنه جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج پرامن پر جذباتي بڻجي ويو، ڌرڻي سبب سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان کي ملائيندڙ مرڪزي شاهراهه گذريل ٻن ڏينهن کان بند، ٽريفڪ جام، گاڏين جون ڊگهيون قطارون، مسافر سخت پريشان. “سنڌ جو پاڻي سنڌ لاءِ” جا نعرا فضا کي گونجائي رهيا آهن، وڪيلن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت متنازعه رٿا ختم نه ڪئي ته احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو. وڪيلن جو چٽو موقف آهي ته غيرقانوني ڪئنالن جي تعمير سنڌ جي آئيني، قانوني ۽ پاڻيءَ جي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، جيڪا ڪنهن به صورت برداشت نه ڪئي ويندي.