“جکراڻي جي بنگلي تي پوليس چڙھائي: 22 لک روپيا ضبط”

ڪنڌڪوٽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ احسان خان جکراڻي پنهنجي بنگلي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تـ اڄ رات دير سان ايس ايڇ او ـ اي سيڪشن صادق عباسي ۽ ايس ايڇ او سي سيڪشن وڏي نفري ساڻ ڪري ڌاڙيلن جيان اسان جي بنگلي تي چڙھائي ڪري چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪيو ويو چيو ويو تـ ھتي ڌاڙيل بنگلي ۾ گھڙيا آھن بنگلي ۾ گھڙي ڪري تلاشي ورتي وئي ۽ 22 لک روڪ رقم ۽ 2 موبائيل فون ۽ ٻيو سامان پوليس کڻي وئي ھن چيو تـ ھي منهنجي وڏي شھيد محمد يوسف جکراڻي جو بنگلو پڻ آھي جنهن وقت بنگلي متان چڙھائي ڪئي وئي تـ ان وقت مان ۽ ننڍا معصوم ٻار پڻ بنگلي تي ستل ھئا ھن چيو تـ اسان پر امن شھري آھيون ان موقعي تي محبوب خان جکراڻي ۽ پي پي تعلقـ ڪنڌڪوٽ جي صدر ڏاڏو جکراڻي چيو تـ اسان سمجھون ٿا تـ ھي اسان جو ڪو نقصان ڪرڻ چاھين ٿا جيڪو اسان کي سمجھـ ۾ نٿو اچي ھنن چيو تـ اسان ايس ايس پي سان رابطو ڪيو ھن چيو تـ مونکي ان معملي بابت ڪا ڄاڻ نـ آھي ھنن چيو تـ اسان قانوني رستو وٺي ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪيو سين جيڪو اسان جو قانوني حق آھي ان موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻ دلمراد جکراڻي چيو تـ شھيد يوسف جکراڻي جي بنگلي تي چورن جيان ھلان ڪري داخل تي چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪيو ويو آھي ھن چيو تـ سمجھـ ۾ نٿو اچي ھي ڇا حاصل ڪرڻ چاھين ٿا ۽ ڪھڙي قانون مطابق ھي بنگلي ۾ داخل ٿيا آهن ھن چيو تـ ڇا پوليس جکراڻي برادري کي ڏوھياري ڪرڻ چاهي ٿي ھنن وزير اعليٰ سنڌ آء جي سنڌ ـ ڊي آء جي لاڙڪاڻـ کان انصاف جو پڻ مطالبو ڪيو