سنڌو درياءَ تي ڪئنال منصوبن خلاف جسقم جي سڏ کي سموري سنڌ ۾ ڀرپور موٽ، مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال، احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا

سنڌو درياءَ تي نوان تڪراري ڪئنال اڏڻ واري عمل خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان هڙتال جي سڏ تي سموري سنڌ جي رهواسين ڀرپور موٽ ڏني، سمورا شهر بند، شٽربند هڙتال، احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا، ڪيئنالن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. حيدرآباد جي علائقن قاسم آباد، نسيم نگر، ڊفينس، راڻي باغي، وحدت ڪالوني آٽو ڀان ۽ ٻين شهرن ۾ مڪمل طور تي شٽربند هڙتال ڪري جسقم ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ۽ ڪئنال منصوبن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ٽنڊوآدم ۾ جسقم جي سڏ تي نون ڪئنالن ڪڍڻ خلاف مڪمل شٽربند هڙتال رهي، جنهن سبب ڪاروباري مرڪز بند رهيا. جسقم جي ڪارڪنن شهر ۾ گشت ڪندي سنڌو درياءَ تي ڪئنال نامنظور جي نعريبازي ڪئي، نيوسعيدآباد ۾ به جسقم پاران ڏنل احتجاج جي سڏ کي نيوسعيدآباد تعلقي جي مختلف شهرن نيوسعيدآباد، بکر جمالي، امين لاکو، پراني سعيدآباد سميت ٻين علائقن ۾ ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جڏهن ته قومي شاهراهه سميت مين توڙي لنڪ روڊن تي ٽريفڪ  به بند آهي. سڪرنڊ ۾ جسقم جي سڏ تي مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال، مک ڪاروباري مرڪز شاهي بازار، سونارا بازار، اسٽيشن روڊ، محرابپور روڊ سميت سمورو ڪاروبار مڪمل بند رهيو ڪارڪنن پاران شهر جو گشت، قومي شاهراهه تي رڪاوٽون وجهي روڊ بند ڪري ڇڏيو، ڪئنالن خلاف نعريبازي بدين ۾ جسقم جي سڏ تي شهر مڪمل طور تي بند رهيو، جسقم اڳواڻ ثنان خان قريشي طرفان ڏنل هڙتال واري سڏ کي بدين واسين طرفان زبردست موٽ ڏئي وئي شهر جا مک ڪاروباري مرڪز بند، شاهي بازار، سونارا بازار، ڪپڙا مارڪيٽ، فرنيچر مارڪيٽ، ميڊيڪل اسٽور به بند رهيا. جڏهن ته  سيراڻي، روڊ، شهباز روڊ، قائداعظم روڊ“ گولاڙچي روڊ ، غريب آباد روڊ تي واپارين پنهنجا دوڪان بند ڪري ڇڏيا. ڏوڪري ۾ جسقم جي سڏ تي مڪمل طور شٽربند هڙتال رهي، شهر جي مختلف بازارن شاهي بازار، ريشم گلي، پيم بازار، ڀٽائي بازار، جامع مسجد روڊ جيلاني مسجد روڊ اسپتال روڊ ٽي ڊي هوٽل بس اسٽينڊ سميت شهر جا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا. جيڪب آباد ۾ جسقم جي سڏ تي شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رلي، قائداعظم روڊ، شاهه ڀٽائي بازار، شاهي بازار، ليڊيز پاڙو، ٽاور روڊ سميت مک ڪاروباري مرڪز بند رهيا،  شهرين پاران ڪينالن خلاف پاڻمرادو ڪاروبار بند ڪري سنڌ سان محبت جو اظهار ڪيو. ٻانڌي ۾ جسقم جي مرڪزي سڏ تي تڪراري ڪئنالن خلاف شهر انڊر شٽربند ڪڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي ڪارڪنن صدر محبوب پڃارو، جاويد ڏاهري، وحيد پڃارو، ۽ ٻين جو چوڻ هو هو سنڌو اسان جو جياپو آهي سنڌو تي ڌاڙو ڪنهن به ريت قبول ناهي، سموري سنڌ تڪراري ڪئنالن واري منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ميرپورساڪرو ۾ تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف جسقم جي مرڪزي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، هڙتال سبب بازارون ويران لڳي رهيون هيون جڏهن ته روڊن تي به ٽريفڪ معمول کان گهٽ رهي، هڙتال جي ڪري اڪثر ماڻهو گهرن تائين محدو ٿي ويا. چوهڙ جمالي ۾ به سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي، مين بازار، شاهي بازار، ريشم گلي، ڊاڪٽر گلي، سونارا بازار، مڇي مارڪيٽ سميت سموريون مارڪيٽون بند رهيون، شٽربند هڙتال دوران جسقم ڪارڪن هٿن ۾ جهنڊا کڻي شهر جو گشت ڪري رهيا آهن. ڪنڊيارو ۾ به جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي سڏ کي ڪنڊيارو واسين طرفان ڀرپورت موٽ ڏني وئي شهر جا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند رهيا، سبزي منڊي، چمن بازار، شاهي بازار، مراد علي شاهه سينٽر، اسپتال روڊ سميت سمورا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند رهيا. تنگواڻي ۾ جسقم جي سڏ تي شهر مڪمل بند، ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد ٽرمينل تي سنڌ بلوچستان جو دنگ بند ڪيو ويو، ان موقعي تي ڪارڪنن جو چوڻ هو ته اسان ڪئنال بند ڪرائڻ تائين خاموش نه رهنداسين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو. قمبر ۾ سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ خلاف جسقم طرفان شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي، هڙتال سبب شهر جي اناج منڊي، سونازار بازا، ڪپڙا مارڪيٽ، سڪو تلاءُ، سيمنار روڊ، سبزي مارڪيٽ، ڀٽو سميت مختلف بازارون مڪمل وطر تي بند رهيون، ضلعي اڳواڻ  مختلف روڊن رستن تان نعريبازي ڪندي دڪان بند ڪرايا. سموري سنڌ جيان مورو شهر اندر به ڦيٿا روڪ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، مورو شهر جو مين روڊ شاهي بازار، ريش۾ گلي، دادو روڊ جو ڪاروبار مڪمل طور تي بند رهيو. ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جي ڳٺ جوڙ سان سنڌو درياءَ تي ڪينال اڏي سنڌ جو پاڻي چري ڪيو پيو وڃي، اسان ڪنهن به صورت ۾ پاڻي چوري ڪرڻ نه ڏينداسين سنڌو مٿان ڪينال اڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. راڄوخاناڻي ۾ به جسقم جي سڏ تي مڪمل طور تي شٽربند هڙتال رهي، شهر جا سمورا مُک ڪاروباري مرڪز ۽ ننڍا وڏا دوڪان ۽ مارڪيٽون به مڪمل طور تي بند رهيون، ڪارڪنن طرفان ڪينال منصوبن خلاف نعريبازي ڪئي وئي. اڳواڻن چيو ته سنڌو درياءَ تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. کهڙا ۾ به جسقم جي سڏ تي شٽربند هڙتال ۽ ڦيٿا روڪ ڪئي وئي، ڪيترن ئي شهرن ۾ شٽربند هڙتال سبب روڊ ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳا، ڪارڪنن طرفان ريليون ڪڍي احتجاج ڪيا ويا ۽ ڪئنالن خلاف نعريبازي ڪئي وئي. راڻيپور ۾ به شٽربند هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو، شٽربند هڙتال سبب اهم ڪاروباري مرڪز بند رهيا، رهواسين پاران جسقم جي سڏ کي ڀرپور موٽ ڏئي پنهنجا ڪاروبار بند رکيا ويا. انهي کان علاوه سنڌ جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، ڳڙهي خيرو، سرهاڙي، ميرپورخاص، ٽنڊوڄام، محرابپور، هالا، قاضي احمد، نوابشاهه، ڄام صاحب، سامارو، مٽياري، کاڻوٺ، سيوهڻ، لاڙڪاڻو، فيض گنج، مدئجي، ميرواهه گورچاڻي، ٺري ميرواهه، شيخ ڀرڪيو، ٽنڊو حيدر، راهوڪي ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ به شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ڪارڪنن طرفان سخت نعريبازي به ڪئي وئي.