“PDS اسڪول ۾ سالياني امتحاني نتيجن جي اعلان واري تقريب، بهترين ڪارڪردگي تي شاگردن کي انعامات پيش”

پريالوءِ جي معروف تعليمي اداري PDS اسڪول ۾ سالياني امتحان جا نتيجا ظاهر ڪيا ويا، جنهن دوران بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انعام پڻ ڏنا ويا. اسڪول جي پرنسپال جي صدارت هيٺ ٿيل تقريب ۾ والدين، استاد، شاگرد ۽ علائقي جا معزز مهمان وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا. پرنسپال پنهنجي خطاب ۾ امتحاني نتيجن کي تسلي بخش قرار ڏيندي چيو ته شاگردن جي محنت، استادن جي راهنمائي ۽ والدين جي سهڪار سان اسڪول هر سال ترقي ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن لاءِ خاص انعامن جو بندوبست ڪيو ويو. نمبر حاصل ڪندڙ کي ٽرافيون، سرٽيفڪيٽ جا تحفا پيش ڪيا ويا. جنهن کي والدين ۽ مهمانن ڀرپور ساراهيو. آخر ۾ شاندار انتظام تي اسڪول جي انتظاميه ۽ استادن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. تعليمي ميدان ۾ پنهنجي معيار، ضابطن ۽ بهتر تدريسي طريقي سان مسلسل اڳتي وڌي رهيو آهي، جيڪو علائقي جي نون نسل لاءِ حوصلا افزا مثال آهي.